خواجه، نور افروز، ڊاڪٽر

خواجه، نور افروز، ڊاڪٽر

خواجه نور افروز ڊاڪٽر

خواجه، نور افروز، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا، محقق ۽ نقاد، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه، 5 جولاءِ 1953ع تي حيدرآباد ۾ احمد علي خان خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو. 1969ع ۾ مئٽرڪ، 1973ع ۾ بي اي، فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين، جڏهن ته ايم اي، سنڌي ادب ۾ گولڊ ميڊل سان 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ان بعد هوءَ ليڪچر طور سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شُعبي ۾ مقرر ٿي. ان دوران هن تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون ۽ مقالا به لکڻ شروع ڪيا. سندس 100 کان وڌيڪ تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون سنڌي زبان جي مختلف اهم رسالن کان سواءِ هند جي اهم رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. 1983ع ۾ هوءَ اسٽنٽ پروفيسر ٿي ۽ 1991ع ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين. ان بعد هن ’ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘ عنوان تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ 1997ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ پروفيسر طور ترقي ماڻي. نومبر 2005ع کان 2011ع تائين هن سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ چيئرپرسن طور خدمتون سر انجام ڏنيون. تازو کيس آرٽس فئڪلٽيءَ جو ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه سنڌي شعبي پاران نڪرندڙ ’ڪينجهر‘ مخزن جي ڪيترن ئي پرچن جي ايڊيٽر ۽ شاگردن جي رسالي ’ادبي منظر‘ جي سرپرست اعليٰ به رهي چڪي آهي. سنڌي شعبي ۾ قائم شاهه لطيف ريسرچ سيل ۽ پروفيسر محرم خان ليڪچر سيريز تحت ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جا مختلف موضوعن تي ليڪچر ڪرائي چڪي آهي، انهن ۾ هند سنڌ جا عالم، اديب: موتي لال جوتواڻي، هيرو ٺڪر، ڄيٺو لالواڻي، نند جويري، آغا سليم، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امر جليل، مظهر الحق صديقي، الطاف شيخ، تاج جويو ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر صاحبه، شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر بابت مختلف اسڪالرن جا مقالا سنڌي شعبي طرفان ترتيب ڏئي، ’اگهيا سُٽ سندا‘ ۽ ’لوچيان ٿي لاحد ۾‘ عنوانن سان ڪتابي صورت ۾ ڇپايا آهن. ڊاڪٽر نور افروز خواجه سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ ۽ بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ سميت مختلف يونيورسٽين جي اڪئڊمڪ ڪائونسل ۽ بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر رهي چڪي آهي. ان کان سواءِ هوءَ الخير يونيورسٽي، حيدرآباد ڪئمپس، آغا خان هيلٿ سروس سنڌ ريجن، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشوري، آغا خان تعليمي بورڊ ۽ ان جي اسٽڊي سينٽر، الزهريٰ هاسٽل، حيدرآباد بورڊ جي ميمبر ۽ پبلڪ اسڪول جي گورننگ بورڊ ۽ ٻين ادارن جي ڊائريڪٽر به رهي چڪي آهي. هن ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي منعقد ٿيندڙ 26 کان مٿي علمي ادبي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪيا آهن. علمي ادبي خدمتن عيوض ڊاڪٽر نور افروز خواجه کي ڪيترا اوارڊ به مليا آهن، جن ۾: انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز پاران بيسٽ ورڪر جو اوارڊ (1990ع)، اطلاعات کاتي پاڪستان پاران ’دي بيسٽ رائيٽر‘ جو اوارڊ(1999ع)، پريم ساگر پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ’سامي اوارڊ‘
(2002ع)، اطلاعات کاتي پاران ’شاهه لطيف اوارڊ‘ (2006ع)، جيئمسٽ نظرياتي ڪميٽيءَ پاران ’مدر آف اسٽوڊنٽس اوارڊ‘ (2008ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران تحقيق جي موضوع تي سندس ڪتاب ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘ تي اوارڊ (2010ع) ۽ تنقيد جي موضوع تي ڪتاب ’مشڪ کٿوري مڻ‘ تي اوارڊ (2010ع) سر فهرست آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي: (1) ’پرڏيهي آکاڻيون‘ (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1978ع، (2) ’ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘- ڀاڱو پهريون، (گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، 1999ع)، (3) ’پائي پٽ ڪڻا‘ (سوانحي خاڪا ۽ تحقيق: گنج بخش پبليڪيشن، حيدرآباد، 2005ع)، (4) ’اگهيا سٽ سندا‘ (ترتيب)، (5) لوچيان ٿي لاحد ۾ (ترتيب)، (6) ’ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘ (مڪمل ٿيسز، شيخ شوڪت علي ائنڊ سنز، ڪراچي: 2010ع)، (7) ’مُشڪ کٿوري مڻ‘ (تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون، 2010ع، گنج بخش پبليڪيشن).
پروفيسر نور افروز خواجه جي رهنمائيءَ ۾ ڪيترا نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي ايم. اي جا مونوگراف لکندا رهيا آهن ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ ڪيترائي شاگرد ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي به ڪري رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.07.05  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا، محقق ۽ نقاد، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه، 5 جولاءِ 1953ع تي حيدرآباد ۾ احمد علي خان خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام راهو
جتوئي مظهر علي ڪامريڊ
ٿانور ڀٽي
آغا عبدالحميد خان
عالي شاهه ۽ ابو شاهه لڪياري
پير آف راڻيپور
سيد نور شاهه
سيد محمد عالم شاهه عالم
عبدالغفور انصاري
ڀائي پرتاب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون